شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي پراڻي درگاهه جو ڏيک

شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي پراڻي درگاهه جو ڏيک

شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي نئين درگاهه جو ڏيک

شاهه صدرالدين لڪياريءَ جي نئين درگاهه جو ڏيک

شاهه صدر لڪي

شاهه صدر (لڪي): مير علي شير قانع هن خاندان (لڪياري سادات) جي باري ۾ هي راءِ ڏني آهي: لڪي (لڪعلوي) ناليرو شهر سيدن جي رهڻ جو هنڌ آهي. اتي جو جبل سنڌ جو هڪ نهايت سوڙهو لڪ آهي. سيد علي بن عباس پهريون سيد آهي، جو اتي اچي رهيو. سندس نسبي سلسلو امام موسيٰ ڪاظم سان وڃي ملي ٿو. اروڙ جي حڪمران دلوراءِ (جو وڏو ظالم حاڪم هو)، پنهنجي ڀاءُ ڇٽي بن آمر جي هدايت تي توبهه تائب ٿي، سيد عليءَ جي خدمت ۾ پيش ٿيو. هن پنهنجي نياڻي به سيد جي نڪاح ۾ ڏني. ان مان هن کي چار پٽ: سيد محمد، سيد مراديو، سيد حاجي عرف ڀرڪيو، ۽ سيد چڱو پيدا ٿيا. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 363) مير قانع ‘آمري’ شهر جي بيان ۾ شاهه صدر (سيد صدرالدين) جو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته، سيد صدرالدين عرف صدر بن سيد محمد، روشن نشانين ۽ ظاهر ڪرامتن جو مالڪ، وقت جو ولي، زماني جي مشائخن جو سردار، سيد جو فخر ۽ جملي برڪتن جو جامع هو. سندس اولاد سنڌ ۾ نجيب خاندان ۽ اصل گهراڻي هجڻ ۾ مشهور آهي. سندس ڪجهه اولاد سيوهڻ ۾ رهي ٿو ۽ ڪي ٻيا سڄيءَ سنڌ ۾ پکڙيل آهن. (تحفة الڪرام، سنڌي، ص 364) سيد حسام الدين راشدي مرحوم هڪ مضمون ۾، اروڙ، ڀانڀرا (برهمڻ آباد)، دلوراءِ، ڇٽي پٽ آمر، جنهن دور ۾ سيد علي سنڌ ۾ آيو، ۽ لاڳاپيل عنوانن تي بحث ڪري، ڪجهه سوالن کي جنم ڏيندي، لڪياري ساداتن جي باري ۾ احوال مهيا ڪيو آهي. راشدي خاندان خود به، لڪياري ساداتن جي هڪ شاخ آهي. ان ڪري حسام الدين ان متعلق، خاندان جي هڪ فرد ۽ هڪ عالم طور بحث ڪرڻ ۾، ۽ ڪي سوال پڇڻ ۾ برابر جو حقدار هو. (پير حسام الدين راشدي، ‘ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون’، ص 359- 363)
اعجاز الحق قدوسي، شاهه صدرالدين جي باري ۾ لکندي، مير علي شير قانع ۽ راشدي صاحب جي تحقيق جو سهارو ورتو آهي. شاهه صدر وٽان هزارن انسانن تصوف ۽ عرفان جي دولت حاصل ڪئي. ماڻهو پري پري کان ڪهي اچي، حضرت شاهه صدر جي خدمت ۾ پهچي روحاني فيض پرائيندا هئا. سنڌ ۾ قادري سلسلي جي واڌاري ۾ شاهه صدر جو وڏو ڪردار آهي.
شاهه صدر جي وفات جي تاريخ معلوم ڪونهي. البت سندس مزار اسٽيشن لڪي شاهه صدر جي ڀرسان، هر عام ۽ خاص جي زيارت گاهه آهي. مقبري جي دروازي تي ڪتبو هن ريت آهي:
سال تاريخش بجستم ازخرد،
هاتفم گفتا ‘بهشت اهل بيت
ٽالپر دور جي خاتمي وقت لطف الله هندستاني، انگريز عملدار ايسٽ وِڪ سان گڏ، سموري سنڌ گهمي ڏٺي هئي. واپسيءَ تي لطف الله پنهنجي زندگيءَ جو احوال لکيو، جنهن کي ايسٽ وِڪ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو هو. لطف الله، لڪي شاهه صدر به پهتو هو. پاڻ
هن ڏس ۾ لکي ٿو، لڪي هڪ وڏو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ سؤ کن گهر آهن. هتي سنڌ جا سيد رهن ٿا. مون شاهه صدر جي درگاهه جي زيارت ڪئي، جا سيوهڻ جي هڪ جبل جي دامن ۾ آهي. هي درگاهه ڳوٺ کان ٽي سئو گز پري آهي. هي مشهور بزرگ عرب مان آيو هو، جنهن
جي فيض سان هزارين ڪافر مسلمان ٿيا. هي مقبرو نادر شاهه جي حڪم سان 1155هه (1742ع) ۾ تعمير ٿيو هو. مقبري تي موجود ڪتبي مان ان جي تعمير جي خبر پوي ٿي. (‘لطف الله کي آپ بيتي’، ص 179)
ياد رهي ته لڪياري سادات سڄي سنڌ ۾ موجود آهن، ۽ ٻيو ته سنڌ جو مشهور راشدي خاندان به، لڪيارين جي هڪ شاخ آهي. نامور پير پاڳارن جو خاندان به لڪياري ساداتن سان تعلق رکي ٿو. سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه (لڪياري)، جي حڪم تي شاهه صدر جو عاليشان نئون مقبرو ٺهي راس ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو